بيري بيري

بيري بيري (Beriberi): هن مرض ۾ مريض کي بدن جي رڳن ۽ گوشت ۾ سور ۽ ڪمزوري ٿي پوندي آهي جنهن سان نتيجي طور مريض کي فالج به ٿي پوندو آهي. هيءُ مرض وٽامن بي جي گهٽتائي سبب ٿئي ٿو. مشين جي ڇڙيل چانورن کائڻ سان به هي مرض ٿي پوندو آهي. ملائيشيا، جاپان، چين، هندستان، سريلنڪا، آفريڪا، جنوبي آمريڪا ۽ آسٽريليا ۾هيءُ مرض گهڻو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
هن مرض سبب مريض کي ڪمزوري ٿي پوندي آهي، عضون ۾ اڪثر سور رهندو آهي، مريض کي ٿڪ جو احساس گهڻو ٿئي ٿو. ڪڏهن ته سوڄ به ٿي پوندي آهي، هن مرض ٿيڻ سان جسم ۾ پاڻي جمع ٿي پوندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو